حبيب ڪوٽ 2

حبيب ڪوٽ 2: حبيب ڪوٽ ضلعي شڪارپور. تعلقي ڳڙهي ياسين جو شهر ۽ ريلوي اسٽيشن آهي. روايت آهي ته هڪ صدي اڳ هتي مهر قبيلي جا ٻه ڀائر اچي آباد ٿيا، جن مان وڏي ڀاءُ پنهنجي گھر کي ڪوٽ ڏياريو، جيڪو حبيب ڪوٽ سڏيو ۽ ننڍي ڀاءُ ڳوٺ کي ڪوٽ ڏياريو، جيڪو ’شير ڪوٽ‘ سڏجڻ ۾ آيو. هن ڳوٺ ۾ مهرن جا 500 کان وڌيڪ گھر آهن. هتي ريلوي جي جنڪشن اسٽيشن آهي، جتان روهڙي، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي طرف ريل گاڏيون وڃن ٿيون. هتي ڇوڪرن لاءِ پرائمري ۽ مڊل اسڪول ۽ ڇوڪرين لاءِ پرائمري اسڪول موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو